Romans 11:20 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
چڱو، هو تہ پنهنجي بي ايمانيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ۽ تون پنهنجي ايمان جي ڪري قائم بيٺو آهين. سو مغرور نہ ٿيءُ، پر خوف ڪر،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھائو، اھو صحيح آھي. پر اھي انھيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان نہ آندو ۽ اوھين انھيءَ جاءِ تي بيٺا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان ايمان آندو آھي. سو اوھان کي انھيءَ تي فخر نہ، بلڪ خوف ڪرڻ گھرجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ٺيڪ آهي. پر ياد رکو، اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون جو انهن مسيح تي وشواس نہ آندو ۽ اوهين انهيءَ ڪري جڙيل آهيو جو اوهان مسيح تي وشواس آندو آهي. سو پاڻ تي وڏائي نہ ڪريو، بلڪ خوف رکو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٺيڪ آهي. پر ياد رکو، اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون جو انهن مسيح تي ايمان نہ آندو ۽ اوهين انهيءَ ڪري جڙيل آهيو جو اوهان مسيح تي ايمان آندو آهي. سو پاڻ تي وڏائي نہ ڪريو، بلڪ خوف رکو.