Romans 11:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن تون خدا جي مهرباني ۽ سختي ڏس: سختي اُنهن تي جي ڪِري پيا، پر خدا جي مهرباني تو تي، بشرطيڪ تون سندس مهربانيءَ تي قائم رهندين: نہ تہ تون بہ وڍجي ويندين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڏسو، خدا ڪيڏو نہ مھربان ۽ سخت آھي. ھو انھن تي سخت آھي جيڪي گمراھہ ٿيا. پر اوھان تي ايستائين مھربان آھي جيستائين اوھين سندس مھربانيءَ تي قائم رھندا. پر جيڪڏھن اوھين قائم نہ رھندا تہ اوھين بہ ڀڳل ٽارين وانگر ٿيندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو ايشور جي ڪرپا ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي ڀَٽڪي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي ڪرپا ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس ڪرپا جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو خدا جي مهربانيءَ ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي مهرباني ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس مهربانيءَ جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.