Romans 11:26 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهيءَ طرح سڀيئي اسرائيلي نجات پائيندا؛ جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”صيون مان نجات ڏيندڙ ايندو، ۽ بي دينيءَ کي يعقوب مان دفع ڪندو:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙيءَ طرح سڀ بني اسرائيل ڇوٽڪارو حاصل ڪندا، جيئن لکيل آھي تہ ” صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. ھو يعقوب جي اولاد مان سندن بڇڙاين کي پري ڪندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم مڪتي حاصل ڪندي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ” صيئون مان مڪتي ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بيڌرميءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ” صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بيدينيءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.