Romans 11:28 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
سو انجيل جي نسبت هو اوهان جي خاطر دشمن آهن: پر چونڊ جي نسبت هو بزرگن جي خاطر پيارا آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خوشخبريءَ جي تبليغ تي يھودي خدا جا دشمن ٿيا ۽ اھو اوھان لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر خدا جا چونڊيل ھئڻ سبب ۽ پنھنجن بزرگن جي ڪري اھي خدا جا پيارا آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
خوشخبري قبول نہ ڪرڻ جي ڪري بني اسرائيل ايشور جا دشمن ٿيا ۽ اهو اوهان غير قوم وارن لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر جيئن تہ ايشور سندن ابن ڏاڏن کي چونڊيو، تنهنڪري اهي ايشور جا پيارا آهن،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خوشخبري قبول نہ ڪرڻ جي ڪري بني اسرائيل خدا جا دشمن ٿيا ۽ اهو اوهان غير قوم وارن لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر جيئن تہ خدا سندن ابن ڏاڏن کي چونڊيو، تنهنڪري اهي خدا جا پيارا آهن،