Romans 11:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ ”اي خداوند، هنن تنهنجن نبين کي ماري وڌو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون اٿن: باقي آئون اڪيلو وڃي بچيو آهيان، سو منهنجي پٺيان بہ هٿ ڌوئي لڳا آهن.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
الياس چوي ٿو تہ ”اي خداوند! ھنن تنھنجي نبين کي ماريو آھي ۽ تنھنجين قربانگاھن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿئون، باقي آءٌ اڪيلو ئي وڃي بچيو آھيان ۽ منھنجي پٺيان بہ ھٿ ڌوئي ڪڍ لڳا آھن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”اي پرميشور! هنن تنهنجين ٻليدان وارين جاين کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ تنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن کي قتل ڪيو اٿائون. آءٌ اڪيلو ئي باقي وڃي بچيو آهيان ۽ منهنجي پٺيان بہ هٿ ڌوئي ڪڍ پيا آهن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اي خداوند! هنن تنهنجين قربانگاهن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ تنهنجي نبين کي قتل ڪيو اٿائون. آءٌ اڪيلو ئي باقي وڃي بچيو آهيان ۽ منهنجي پٺيان بہ هٿ ڌوئي ڪڍ پيا آهن.“