Romans 11:30 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هن ڪري جو جهڙيءَ طرح اوهين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا هئا، پر هاڻي سندن نافرمانيءَ جي سبب اوهان تي رحم ٿيو آهي،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو انھيءَ ڪري جو جھڙيءَ طرح اوھين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا ھئا، پر ھاڻي يھودين جي نافرمانيءَ سبب اوھان تي خدا جي رحمت ٿي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، گذريل وقت ۾ اوهين غير قوم وارا بہ ايشور جا نافرمان هئا، پر هاڻي ايشور بني اسرائيل جي نافرمانيءَ جي ڪري اوهان تي ديا ڪئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، گذريل وقت ۾ اوهين غير قوم وارا بہ خدا جا نافرمان هئا، پر هاڻي خدا بني اسرائيل جي نافرمانيءَ جي ڪري اوهان تي رحم ڪيو آهي.