Romans 11:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جيڪڏهن اهو فضل جي ڪري آهي تہ اهو عملن جي ڪري نہ ٿيو، نہ تہ فضل، فضل نہ رهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا جي چونڊ سندس فضل موجب ڪيل آھي، نہ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي چونڊ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب ھجي ھا تہ پوءِ خدا جو فضل سچو فضل نہ ليکجي ھا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ اها چونڊ ايشور جي ڪرپا موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ ايشور جي ڪرپا ڪرپا نہ ليکجي ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ اها چونڊ خدا جي فضل موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ خدا جو فضل فضل نہ ليکجي ها.