Romans 12:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن جهان جو نمونو اختيار نہ ڪريو: پر پنهنجيءَ دل جي نئون ٿيڻ ڪري بدلجي وڃو، تہ آزمودي مان سمجهي سگهو، تہ خدا جي چڱي، ۽ پسنديدہ، ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پاڻ کي هن انتم زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ ايشور جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ ايشور کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ ايشور جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پاڻ کي هن آخري زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ خدا کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.