Romans 12:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جو فضل اسان کي ڏنو ويو هو، اُنهي موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آهن، تنهنڪري جي نبوت ملي هجي تہ اسين پنهنجي ايمان جي اندازي موجب نبوت ڪريون؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا جيڪو فضل اسان کي ڏنو، تنھن موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آھن. تنھنڪري جيڪڏھن ڪنھن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ملي آھي تہ ھو پنھنجي ايمان جي اندازي موجب خدا جو پيغام ٻڌائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور جيڪا ڪرپا اسان تي ڪئي آهي، تنهن موجب اسان کي جدا جدا وردان مليا آهن. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان مليو آهي تہ هو پنهنجي وشواس جي اندازي موجب ايشور جو سنديش ٻڌائي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا جيڪو فضل اسان تي ڪيو آهي، تنهن موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آهن. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ملي آهي تہ هو پنهنجي ايمان جي اندازي موجب خدا جو پيغام ٻڌائي.