Romans 13:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
سڀڪو ماڻهو اعليٰ حڪومتن جو تابعدار رهي: ڇالاءِ جو اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جا خدا جي طرفان نہ هجي، جيڪي بہ حڪومتون آهن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھر ڪنھن شخص کي ملڪ جي حڪومتن جو تابعدار رھڻ گھرجي، ڇالاءِجو اھڙي ڪابہ حڪومت ڪانھي جا خدا جي طرفان نہ ھجي. جيڪي بہ حڪومتون آھن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هر ڪنهن شخص کي ملڪ جي حڪومت جي وس هيٺ رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جيڪا ايشور جي طرفان نہ هجي. جيڪي بہ حڪومتون آهن سي ايشور جي طرفان مقرر ٿيل آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هر ڪنهن شخص کي ملڪ جي حڪومت جو تابعدار رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جيڪا خدا جي طرفان نہ هجي. جيڪي بہ حڪومتون آهن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آهن.