Romans 13:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ هو تنهنجي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آهي. پر جي تون بدي ڪرين تہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو هو ترار بي سبب نٿو کڻي: هن ڪري جو هو خدا جو خادم آهي ۽ سندس غضب موجب بدڪار کي سزا ٿو ڏئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو ھو تنھنجي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آھي. پر جيڪڏھن تون بڇڙا ڪم ڪرين ٿو تہ ھن کان ڊڄ، ڇالاءِجو ھو بنا سبب تلوار نہ ٿو کڻي. ھو خدا جو خادم آھي ۽ سندس غضب موجب بدڪار کي سزا ٿو ڏئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇاڪاڻ تہ هو اوهان جي ڀلي لاءِ ايشور جو سيواداري آهي. پر جيڪڏهن اوهين بڇڙا ڪم ڪريو ٿا تہ هن کان ڊڄو، ڇو تہ هو بنا سبب جي تلوار نہ ٿو کڻي. هو ايشور جو سيواداري آهي تہ جيئن سندس ڏمر موجب بڇڙي کي سزا ڏئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ هو اوهان جي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آهي. پر جيڪڏهن اوهين بڇڙا ڪم ڪريو ٿا تہ هن کان ڊڄو، ڇو تہ هو بنا سبب جي تلوار نہ ٿو کڻي. هو خدا جو خادم آهي تہ جيئن سندس غضب موجب بڇڙي کي سزا ڏئي.