Romans 13:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هي حڪم تہ زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ۽ ٻيو جيڪو حڪم هوندو، سو هن هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ اچيو وڃي، تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙي محبت ڪر.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
شريعت جا حڪم آھن تہ ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر.“ ٻيا جيڪي حڪم آھن سي ھن ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هائو، نيم جي هنن حڪمن يعني ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر“ سان گڏوگڏ جيڪي بہ حڪم آهن سي سڀ هن هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، شريعت جي هنن حڪمن يعني ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر“ سان گڏوگڏ جيڪي بہ حڪم آهن سي سڀ هن هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“