Romans 14:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”خداوند فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم تہ سڀڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ سڀڪا زبان خدا جي تعريف ڪندي.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن لکيل آھي تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ ھر ھڪ منھنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ سڀڪا زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.‘“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن پوِتر شاستر ۾ پرميشور فرمايو آهي تہ ”آءٌ ايشور پنهنجي جيون جو قسم کڻي چوان ٿو تہ هر گوڏو منهنجي اڳيان جھڪندو، ۽ هر زبان مون ايشور جي مهما ڪندي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمايو آهي تہ ”آءٌ خدا پنهنجي حياتيءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ هر گوڏو منهنجي اڳيان جھڪندو، ۽ هر زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.“