Romans 14:13 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري گهرجي تہ اڳتي اسين هڪ ٻئي تي الزام نہ لڳايون: بلڪ هي مناسب آهي تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رستي ۾ ڪا اهڙي شيءِ نہ رکي جنهنڪري هو ٿاٻو کائي يا ڪِري پوي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري اسان کي گھرجي تہ ھڪ ٻئي تي تھمت نہ ھڻون، بلڪ اسان تي اھو فرض آھي تہ اسان مان ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ڀاءُ لاءِ ڪا اھڙي ڳالھہ نہ ڪري جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا گمراھہ ٿي وڃڻ جو سبب بڻجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ اڳتي هڪٻئي کي ڏوهاري قرار نہ ڏيون، بلڪ اهو فيصلو ڪري ڇڏيون تہ اسان مان ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻئي لاءِ ڪا اهڙي ڳالهہ نہ ڪندو، جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ اڳتي هڪٻئي کي ڏوهاري قرار نہ ڏيون، بلڪ اهو فيصلو ڪري ڇڏيون تہ اسان مان ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻئي لاءِ ڪا اهڙي ڳالهہ نہ ڪندو، جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا گمراهہ ٿي وڃڻ جو سبب بڻجي.