Romans 14:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي کاڌي ڪري رنج ٿو ٿئي، تہ پوءِ تون اڃا پيار جي قاعدي تي نٿو هلين. جنهن شخص جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني، تنهن کي تون پنهنجي کاڌي جي سبب برباد نہ ڪر.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن تنھنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنھنجي ڀاءُ کي رنج پھچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو ھلين. جنھن شخص جي خاطر مسيح پنھنجي جان ڏني تنھن کي تون پنھنجي کاڌي جي ڪري برباد نہ ڪر.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو جيڪڏهن تنهنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنهنجي ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي رنج پهچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو هلين. تون پنهنجي کاڌي جي ڪري انهيءَ شخص کي برباد نہ ڪر، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو جيڪڏهن تنهنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنهنجي ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي رنج پهچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو هلين. تون پنهنجي کاڌي جي ڪري انهيءَ شخص کي برباد نہ ڪر، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني آهي.