Romans 14:20 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي نقصان نہ رسايو. سڀ شيون بيشڪ پاڪ آهن: پر انهي ماڻهوءَ جي لاءِ اها شيءِ خراب آهي جنهن جي کائڻ ڪري هو گمراهہ ٿو ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پاڪ آھن، پر جنھن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻھو گمراھہ ٿئي ٿو تہ اھا شيءِ انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ خراب آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين کاڌي جي ڪري ايشور جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جنهن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻهو ڀَٽڪي وڃي ٿو تہ کائڻ واري ماڻهوءَ لاءِ اها شيءِ خراب آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پاڪ آهن، پر جنهن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻهو گمراهہ ٿئي ٿو تہ کائڻ واري ماڻهوءَ لاءِ اها شيءِ خراب آهي.