Romans 14:22 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪو تنهنجو اعتقاد آهي سو خدا جي اڳيان پنهنجي دل ئي ۾ رک؛ مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جو جيڪا شيءِ هن جي نظر ۾ چڱي آهي، تنهن تي شڪ شبهو نٿو ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھنن ڳالھين بابت تنھنجو جيڪو اعتقاد آھي سو پنھنجيءَ دل ۾ ئي رک. سڀاڳو آھي اھو ماڻھو جيڪو انھيءَ ڪم جي ڪرڻ سان جيڪو سندس نظر ۾ چڱو آھي، پاڻ کي ڏوھاري نہ ٿو محسوس ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙين ڳالهين بابت اوهان جو جيڪو وشواس آهي سو اوهان جي ۽ ايشور جي وچ ۾ رهي، يعني اهو پنهنجي دل ۾ ئي رکو. سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جيڪو پاڻ کي انهيءَ ڪم جي ڪرڻ سان ڏوهاري قرار نہ ٿو ڏياري، جيڪو سندس نظر ۾ مناسب آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙين ڳالهين بابت اوهان جو جيڪو اعتقاد آهي سو اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ رهي، يعني اهو پنهنجيءَ دل ۾ ئي رکو. سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جيڪو پاڻ کي انهيءَ ڪم جي ڪرڻ سان ڏوهاري قرار نہ ٿو ڏياري، جيڪو سندس نظر ۾ مناسب آهي.