Romans 14:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تون ڪير آهين جو ٻئي جي نوڪر تي الزام ٿو آڻين؟ هن جو قائم رهڻ يا ڪِري پوڻ، سو سندس ڌڻيءَ جي هٿ ۾ آهي. هائو، هو قائم ڪيو ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند کي هن جي قائم ڪرڻ جي طاقت آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تون ڪير ٿيندو آھين جو ڪنھن ٻئي جي نوڪر تي تھمت ٿو ھڻين؟ انھيءَ جي ڪامياب يا ناڪام ھجڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آھي. پر ھو ڪامياب ٿيندو، ڇالاءِجو خداوند ھن کي ڪامياب ڪري سگھي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو تون ڪير ٿيندو آهين جو ڪنهن ٻئي جي نوڪر تي تهمت ٿو هڻين؟ انهيءَ کي قبول ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آهي ۽ اهو قبول ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ سندس مالڪ کيس قبول پوڻ جي لائق بڻائي سگھي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)