Romans 15:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو، تہ ”يسيءَ جي پاڙ ڦٽندي، يعني اهو شخص غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو، جنهن تي غير قومون اُميد رکنديون.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو تہ ”يشيءَ جي اولاد مان ڪو ايندو، يعني ھو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو ۽ اھي ھن ۾ اميد رکنديون.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
وري سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ بہ چوي ٿو تہ ”يسيءَ جي پٽ راجا دائود جي اولاد مان ڪو ايندو. هائو، اهو جيڪو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو، تنهن تي ئي غير قومون اميد رکنديون.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود جي اولاد مان ڪو ايندو. هائو، اهو جيڪو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو، تنهن تي ئي غير قومون اميد رکنديون.“