Romans 15:16 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاھنن وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ غير قومون، جن کي پاڪ روح پاڪ ڪيو آھي سي خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ يسوع مسيح جو سيوڪ ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پوِتر آتما جي مخصوص ۽ پوِتر ڪرڻ سان ايشور جي آڏو دان جي روپ ۾ قبول پون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پاڪ روح جي مخصوص ۽ پاڪ ڪرڻ سان خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.