Romans 15:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يعني اُهي ڳالهيون جي نشانين ۽ معجزن جي طاقت سان، ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ظاهر ٿيون؛ ايتري قدر جو مون يروشلم کان وٺي چئني پاسي اِلرڪم تائين مسيح جي خوشخبريءَ جي پوريءَ طرح منادي ڪئي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يعني اھي ڪم جيڪي ڪرامتن، معجزن جي طاقت ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اھڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي ويندي اِلرڪم تائين چئني پاسن مسيح جي خوشخبريءَ جي چڱيءَ طرح منادي ڪئي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهي ڪم ڪرامتن ۽ چمتڪارن جي طاقت وسيلي يعني پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي پرچار واري سيوا پوري ڪري ڇڏي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي ڪم ڪرامتن ۽ معجزن جي طاقت وسيلي يعني پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي مناديءَ واري خدمت پوري ڪري ڇڏي آهي.