Romans 16:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تروفينا ۽ تروفوسہ، جي خداوند ۾ محنت ٿيون ڪن، تن کي سلام ڏجو. پياري پرسس کي سلام ڏجو، جنهن خداوند ۾ گهڻو پورهيو ڪيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون تن کي منھنجا سلام ڏجو. پياري پرسس کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن خداوند لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي پرڀو يسوع جي سيوا ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا نمسڪار چئجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن پرڀو يسوع لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند عيسيٰ جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا سلام ڏجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن خداوند عيسيٰ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي.