Romans 2:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جن شريعت ملڻ کانسواءِ گناهہ ڪيو، سي سڀ شريعت کانسواءِ چٽ ٿيندا: ۽ جن شريعت هيٺ گناهہ ڪيو، تن جو انصاف بہ شريعت موجب ٿيندو؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا ھر گناھہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناھہ ڪيو، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ جن شريعت ھوندي گناھہ ڪيو، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور هر پاپ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. هائو، غير قوم وارا جن موسيٰ جي معرفت مليل نيم کان سواءِ پاپ ڪيا، سي انهيءَ نيم کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ يهودي جن موسيٰ جي نيم هوندي پاپ ڪيا، تن جو فيصلو بہ انهيءَ نيم موجب ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا هر گناهہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. هائو، غير قوم وارا جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناهہ ڪيا، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ يهودي جن شريعت هوندي گناهہ ڪيا، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو.