Romans 2:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هن ڪري جو هو ڏيکارين ٿيون تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي لکيل آهن، ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، ۽ سندن خيال پاڻ ۾ هڪٻئي تي، يا الزام ٿا آڻين يا ڇُٽل ٿا رکن؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو انھن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالھيون سندن دلين تي اُڪريل آھن ۽ سندن ضمير انھن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي. انھن جا خيال ڪڏھن پنھنجو پاڻ تي تھمت ٿا ھڻن تہ ڪڏھن پاڻ کي ڇٽل ٿا رکن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن قومن جي عمل مان سڌ پوي ٿي تہ نيم جون ڳالهيون سندن دلين تي اُڪريل آهن ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي. سو انهن جا خيال ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي تهمت ٿا هڻن تہ ڪڏهن پاڻ کي آزاد ٿا سمجھن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي اُڪريل آهن ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي. سو انهن جا خيال ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي تهمت ٿا هڻن تہ ڪڏهن پاڻ کي آزاد ٿا سمجھن.