Romans 2:18 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سُڌ اٿيئي تہ سندس مرضي ڪهڙي آهي، ۽ شريعت جي تعليم حاصل ڪري، جيڪي ڳالهيون تمام چڱيون آهن، سي پسند ٿو ڪرين،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تو کي خبر آھي تہ خدا جي رضا تنھنجي ڪھڙن ڪمن ۾ آھي، تو کي شريعت مان خبر پيئي آھي تہ صحيح رستو ڪھڙو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور جي نيم جي سکيا مان اوهين سمجھي ٿا وٺو تہ ايشور جي مرضي ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙا ڪم ۽ رستا صحيح آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
شريعت جي تعليم مان اوهين سمجھي ٿا وٺو تہ خدا جي مرضي ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙا ڪم ۽ رستا صحيح آهن.