Romans 2:26 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري جنهن شخص جو ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو، تہ سندس نامختوني بہ ختني جهڙي ڪري نہ ليکبي ڇا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪنھن غير قوم واري جو طھر ٿيل نہ آھي، پر ھو شريعت جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا خدا کيس طھريلن جھڙو ڪري نہ ڀائيندو؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪنهن غير قوم واري جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر هو نيم جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا ايشور کيس ختني ڪيلن جهڙو ڪري نہ ڀائيندو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪنهن غير قوم واري جو طهر ٿيل نہ آهي، پر هو شريعت جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا خدا کيس طهريلن جهڙو ڪري نہ ڀائيندو؟