Romans 2:27 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جنهن شخص جو قوميت جي ڪري ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت تي عمل ڪندو، تہ تون جو ڪلام ۽ ختني هوندي بہ شريعت تي نٿو هلين، تنهن کي اُهو قصوروار نہ ٺهرائيندو ڇا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھان يھودين کي غير قومون ڏوھدار بڻائينديون، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين شريعت تي عمل نہ ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ اوھان وٽ شريعت لکيل آھي ۽ اوھان جو طھر بہ ٿيل آھي. پر غير قومون شريعت تي عمل ڪن ٿيون، جيتوڻيڪ انھن جو طھر ٿيل نہ آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو ختنو ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ ايشور جو نيم بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر ايشور جي نيم جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو طهر ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ شريعت بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو طهر ٿيل نہ آهي، پر شريعت جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟