Romans 2:29 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر يهودي اُهو آهي، جو اندر ۾ يهودي آهي، ۽ ختنو اُهو آهي، جو دل جو ۽ روحاني آهي، نہ نالي جو: اهڙي جي تعريف ماڻهن کان نہ، پر خدا جي طرفان ٿي ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر يھودي اھو آھي جنھن جي دل خدا ڏانھن سچي آھي. طھر اھو آھي جو دلي ۽ روحاني آھي ۽ نہ شرعي. اھڙي طھر جي ساراھہ ماڻھن جي واتان نہ پر خدا جي طرفان ٿئي ٿي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر حقيقي يهودي اهو آهي جنهن جي دل ايشور ڏانهن سچي هجي ۽ حقيقي ختنو اهو آهي جيڪو دل جو هجي. اهو ختنو لکيل نيم مطابق نہ، پر آتمڪ هجي. اهڙي يهوديءَ جي ساراهہ ماڻهن جي واتان نہ پر ايشور جي طرفان ٿئي ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر حقيقي يهودي اهو آهي جنهن جي دل خدا ڏانهن سچي هجي ۽ حقيقي طهر اهو آهي جيڪو دل جو هجي. اهو طهر لکيل شريعت مطابق نہ، پر روحاني هجي. اهڙي يهوديءَ جي ساراهہ ماڻهن جي واتان نہ پر خدا جي طرفان ٿئي ٿي.