Romans 3:25 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي (يسوع مسيح) کي خدا سندس رت جي ڪري، هڪڙو اهڙو ڪفارو ٺهرايو، جو ايمان آڻڻ ڪري فائدي وارو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ جيڪي گناهہ اڳي ٿيا آهن، ۽ جن بابت خدا تحمل ڪري گذر ڪيو هو، تن بابت پنهنجي راستبازي ظاهر ڪري؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ مسيح جي قربانيءَ جي ڪري خدا کيس اھڙو ڪفارو بڻايو، جو جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تہ ان جا گناھہ معاف ٿيندا. ان مان اھو ظاھر ٿو ٿئي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. ھن کان اڳي خدا صبر ڪيو ۽ ماڻھن جي ڏوھن کي درگذر ڪيائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور يسوع کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي ٻليدان جي ڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. ايشور ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي ايشور بردباري ڪندي ماڻهن جي پاپن کي درگذر ٿي ڪيو،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا عيسيٰ کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي قربانيءَ جي ڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنهن جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. خدا ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي خدا بردباري ڪندي ماڻهن جي گناهن کي درگذر ٿي ڪيو،