Romans 3:30 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جي ائين آهي تہ خدا هڪڙو آهي، جو مختونن کي بہ ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، ۽ جيڪي نامختون آهن، تن کي بہ ايمان جي ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
بيشڪ خدا ھڪڙو ئي آھي، جيڪو طھريلن توڙي اڻ⁠طھريلن کي سندن ايمان آڻڻ جي ڪري ئي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ ايشور هڪڙو ئي آهي، سو هو ختني ٿيلن توڙي ختني نہ ٿيلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني وشواس آڻڻ سان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ خدا هڪڙو ئي آهي، سو هو طهريلن توڙي اڻ‌طهريلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني ايمان آڻڻ سان.