Romans 3:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
بلڪل نہ، پر ڀلي تہ خدا سچو ليکجي ۽ سڀ ڪو ماڻهو ڪوڙو ليکجڻ ۾ اچي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجن ڳالهين ۾ سچو ٺهرين، پنهنجي مقدمي ۾ فتحياب ٿين.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ائين بلڪل نہ آھي، خدا سچو آھي توڙي جو ھر ھڪ انسان ڪوڙو ھجي، جيئن لکيل آھي تہ ”اي خدا! تون ھميشہ پنھنجن ڳالھين ۾ سچو ثابت ٿيو آھين، ۽ ھر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو آھين.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
بلڪل نہ. ايشور هر حال ۾ سچو آهي توڙي جو هر انسان ڪوڙو هجي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ايشور! تون هميشہ پنهنجي وچنن ۾ سچو ثابت ٿيو آهين، ۽ عدالت ۾ تو سوڀ حاصل ڪئي آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بلڪل نہ. خدا هر حال ۾ سچو آهي توڙي جو هر انسان ڪوڙو هجي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي خدا! تون هميشہ پنهنجي قولن ۾ سچو ثابت ٿيو آهين، ۽ عدالت ۾ تو فتح حاصل ڪئي آهي.“