Romans 4:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ کيس ختني جو نشان مليو، تہ انهي ايمان جي راستبازيءَ تي اها مهر ٿئي جو ايمان هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو، انهي لاءِ تہ هو انهن سڀني جو ابو ٿئي، جي بنا ختني جي حالت ۾ آهن تہ بہ ايمان ٿا آڻين، تہ انهن جي لاءِ بہ راستبازي ليکي وڃي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ابراھيم جو طھر پوءِ ٿيو ۽ اھو طھر ھڪ ثابتيءَ جو نشان ھو تہ خدا کيس طھر کان اڳ ۾ سندس ايمان جي ئي ڪري سچار ڪري قبول ڪيو. سو ابراھيم انھن سڀني جو پيءُ آھي، جيڪي خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ ھو کين سچار ڪري قبول ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اھي طھريل نہ آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ابرهام جو ختنو پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ ايشور سندس وشواس رکڻ جي ڪري ئي کيس ختني کان سواءِ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابرهام انهن سڀني جو پتا آهي، جيڪي ختني کان سواءِ ايشور تي وشواس آڻين ٿا ۽ ايشور کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ابراهيم جو طهر پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ خدا سندس ايمان رکڻ جي ڪري ئي کيس اڻ‌طهريل حالت ۾ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابراهيم انهن سڀني جو پيءُ آهي، جيڪي طهر کان سواءِ خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.