Romans 4:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهن ختني وارن جو بہ ابو ٿئي، جن جو نہ فقط ختنو ٿيل آهي پر جي اسان جي پيءُ ابراهيم جي انهي ايمان جي پيروي بہ ٿا ڪن، جو هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھو انھن جو بہ پيءُ آھي جيڪي طھريل آھن، نہ رڳو انھيءَ لاءِ تہ اُھي طھريل آھن، پر انھيءَ لاءِ بہ تہ اُھي ايمان جي اھڙي زندگي گذارين ٿا جھڙي اسان جي پيءُ ابراھيم طھر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ان سان گڏوگڏ هو انهن ختنو ٿيلن جو بہ پتا آهي، جيڪي نہ رڳو ختنو ٿيل آهن پر وشواس وارو اهڙو جيون گذارين ٿا جهڙو اسان جي پتا ابرهام ختني کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان سان گڏوگڏ هو انهن طهريلن جو بہ پيءُ آهي، جيڪي نہ رڳو طهريل آهن پر ايمان واري اهڙي زندگي گذارين ٿا جهڙي اسان جي پيءُ ابراهيم طهر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.