Romans 4:18 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
نااُميديءَ جي حالت ۾ هن اُميد رکي ايمان آندو، انهي لاءِ تہ جيڪي چيو ويو هو، تہ ”تنهنجو نسل اهڙو ٿيندو“ تنهن موجب هو گهڻين قومن جو پيءُ ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيتوڻيڪ اميد پوري ٿيڻ جھڙي نہ ھئي، تنھن ھوندي بہ ابراھيم اميد رکي خدا تي ايمان آندو ۽ ھو ”گھڻين قومن جو پيءُ“ بڻيو. جيئن لکيل آھي تہ ”تنھنجو گھڻو ئي نسل ٿيندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ابرهام نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي ايشور تي وشواس رکيو ۽ گھڻين قومن جو پتا بڻيو، جيئن ايشور وچن ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ابراهيم نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي خدا تي ايمان رکيو ۽ گھڻين قومن جو پيءُ بڻيو، جيئن خدا واعدو ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“