Romans 4:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جيڪو ماڻهو ڪم نٿو ڪري، مگر انهي تي ايمان ٿو آڻي جو بي دين کي راستباز ٿو ٺهرائي، تنهن جو ايمان راستبازي ڪري ٿو ليکجي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪم نہ ٿو ڪري ۽ رڳو ان خدا تي ايمان آڻي ٿو جيڪو گنھگارن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، تہ سندس ايمان سچائي ڪري ٿو ليکجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن تہ جيڪو ماڻهو ڪم نہ ٿو ڪري، پر ايشور تي وشواس آڻي ٿو، جيڪو پاڻ کان پري رهندڙن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو تہ هن جو اهو وشواس سندس سچائي ڪري ٿو ليکجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن تہ جيڪو ماڻهو ڪم نہ ٿو ڪري، پر خدا تي ايمان آڻي ٿو، جيڪو پاڻ کان پري رهندڙن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو تہ هن جو اهو ايمان سندس سچائي ڪري ٿو ليکجي.