Romans 4:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن اها برڪت مختونن جي ئي لاءِ آهي، يا انهن جي لاءِ بہ جيڪي نامختون آهن؟ ڇالاءِ جو اسين چئون ٿا تہ ابراهيم جي لاءِ سندس ايمان راستبازي ليکيو ويو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇا اھا سڀاڳائي دائود رڳو انھن لاءِ چئي آھي جيڪي طھريل آھن؟ نہ. پر ان جو واسطو انھن سان بہ آھي جيڪي طھريل نہ آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ اسان اڳ ۾ چيو آھي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ سندس ايمان جي ئي ڪري خدا کيس سچار ليکيو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇا اها سڀاڳائي دائود رڳو انهن لاءِ چئي آهي جن جو ختنو ٿيل آهي؟ نہ. پر ان جو واسطو انهن سان بہ آهي جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي تہ ابرهام جي وشواس رکڻ جي ڪري ئي ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇا اها سڀاڳائي دائود رڳو انهن لاءِ چئي آهي جيڪي طهريل آهن؟ نہ. پر ان جو واسطو انهن سان بہ آهي جيڪي طهريل نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي تہ ابراهيم جي ايمان رکڻ جي ڪري ئي خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو.