Romans 5:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري جيئن هڪڙي ماڻهوءَ جي ڪري گناهہ دنيا ۾ آيو، ۽ گناهہ جي سبب موت آيو، ۽ موت سڀني ماڻهن ۾ پکڙجي ويو، ڇالاءِ جو سڀني گناهہ ڪيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڪري دنيا ۾ گناھہ آيو، گناھہ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو، ڇالاءِ⁠جو سڀني ماڻھن گناھہ ڪيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هڪڙي ماڻهوءَ جي وسيلي سنسار ۾ پاپ آيو، پاپ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي انسانذات ۾ پکڙجي ويو، ڇاڪاڻ تہ سڀني پاپ ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هڪڙي ماڻهوءَ جي وسيلي دنيا ۾ گناهہ آيو، گناهہ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي انسانذات ۾ پکڙجي ويو، ڇاڪاڻ تہ سڀني گناهہ ڪيو.