Romans 5:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جيڪو گناهہ جو حال آهي، سو فضل جي بخشش جو نہ آهي. ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي شخص جي ڏوهہ جي ڪري گهڻا ماڻهو مري ويا، تہ هڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي فضل جي ڪري، گهڻن ئي ماڻهن کي خدا جو فضل ۽ بخشش زيادہ انداز ۾ ملي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر ٻئي ھڪ جھڙا نہ آھن، ڇاڪاڻتہ خدا جي بخشش کي آدم جي ڏوھہ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. اھو سچ آھي تہ انھيءَ ھڪڙي شخص جي گناھہ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو مري ويا ۽ وري ھڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي فضل جي وسيلي گھڻن ئي ماڻھن کي خدا جو فضل ۽ بخشش جھجھي انداز ۾ ملي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر ڪرپا واري بخشش کي آدم جي نافرمانيءَ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. جيڪڏهن انهيءَ هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو مري ويا، تہ پوءِ ايشور جي ڪرپا ڪيڏي نہ وڌيڪ آهي، جڏهن سندس بخشش هڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي ڪرپا جي وسيلي گھڻن ئي ماڻهن لاءِ جھجھي انداز ۾ رکي ويئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر فضل واري بخشش کي آدم جي نافرمانيءَ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. جيڪڏهن انهيءَ هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو مري ويا، تہ پوءِ خدا جو فضل ڪيڏو نہ وڌيڪ آهي، جڏهن سندس بخشش هڪڙي ئي شخص يعني عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي گھڻن ئي ماڻهن لاءِ جھجھي انداز ۾ رکي ويئي آهي.