Romans 5:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ بخشش جو حال اهڙو نہ آهي جهڙو انهيءَ هڪڙي شخص جي گناهہ ڪرڻ ڪري ٿيو: ڇالاءِ جو هڪڙي ئي ڏوهہ ڪري فتويٰ جاري ٿي، جنهن موجب سزا جو حڪم مليو، پر گهڻن ڏوهن ڪري فضل جي بخشش جاري ٿي، جنهن موجب ماڻهو راستباز ٺهرايا ويا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا جي بخشش ۽ ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ ۾ فرق آھي، ڇالاءِجو ھڪڙي ئي شخص جي ڏوھہ کان پوءِ سزا جو حڪم جاري ٿيو، پر گھڻا ئي ماڻھو گناھن ڪرڻ کان پوءِ بہ خدا جي انھيءَ فضل جي بخشش ڪري ڇٽي ويا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ان کان علاوہ ڪرپا واري بخشش ۽ هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جا نتيجا هڪجهڙا نہ آهن. ڏسو، هڪڙي ئي پاپ ڪرڻ تي پاپي هئڻ جو فيصلو جاري ٿيو، جڏهن تہ پاپن جي گھڻائيءَ واري حالت ۾ بہ ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش بخشي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان کان علاوہ فضل واري بخشش ۽ هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جا نتيجا هڪجهڙا نہ آهن. ڏسو، هڪڙي ئي گناهہ ڪرڻ تي گنهگار هئڻ جي فتويٰ جاري ٿي، جڏهن تہ گناهن جي گھڻائيءَ واري حالت ۾ بہ خدا پاڻ ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش عطا ڪئي.