Romans 5:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي ڪري جيئن هڪڙي ڏوهہ جي سبب اها فتويٰ ملي، جنهن ڪري سڀني ماڻهن تي سزا جو حڪم جاري ٿيو؛ تيئن راستبازيءَ جي هڪڙي ڪم سبب فضل جي بخشش ملي، تہ سڀيئي ماڻهو راستباز ٺهرايا وڃن ۽ زندگي حاصل ڪن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري سڀني ماڻھن لاءِ سزا جو حڪم مليو، تھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي سچائيءَ واري ڪم جي ڪري سڀ ماڻھو ڇٽي ويندا ۽ کين زندگي ملندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جهڙيءَ طرح هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري سڀني ماڻهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو جاري ٿيو، تهڙيءَ طرح هڪڙي جي سچائيءَ واري ڪم جي وسيلي سڀني ماڻهن کي ايشور ڏانهن سچار بڻجي جيون حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جهڙيءَ طرح هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري سڀني ماڻهن لاءِ گنهگار هئڻ جي فتويٰ جاري ٿي، تهڙيءَ طرح هڪڙي جي سچائيءَ واري ڪم جي وسيلي سڀني ماڻهن کي خدا ڏانهن سچار بڻجي زندگي حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.