Romans 5:21 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي لاءِ تہ جيئن گناهہ موت جي ڪري بادشاهي ڪئي، تيئن فضل بہ راستبازيءَ جي ڪري، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ بادشاهي ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ جيئن گناھن جي حڪمراني موت جي وسيلي آھي تيئن خدا جي فضل جي حڪمراني سچائيءَ جي وسيلي آھي، جيڪا اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگي بخشي ٿي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري جيئن پاپ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي ايشور جي ڪرپا جي حڪمراني اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون ٿي بخشي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري جيئن گناهہ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي خدا جي فضل جي حڪمراني اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگي ٿي بخشي.