Romans 6:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهان جي جسماني ڪمزوريءَ جي سبب آئون انساني طور ٿو ڳالهايان. ڇالاءِ جو جيئن اوهان پنهنجا عضوا بدڪاري ڪرڻ لاءِ، ناپاڪائيءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلامي جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا، تيئن هاڻي پنهنجا عضوا پاڪ ٿيڻ جي لاءِ راستبازيءَ جي غلاميءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن تہ مون کي اوھان جي انساني ڪمزورين جي خبر آھي، سو آءٌ اوھان کي عام رواجي لفظن ۾ چوان ٿو تہ جيئن اڳي اوھان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو ھو، تيئن ھاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پوِتر ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.