Romans 6:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر هاڻي جڏهن گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، تڏهن اوهان کي انهي جو ڦل، يعني پاڪيزگي حاصل ٿي ٿئي، جنهن جو نتيجو هميشہ جي زندگي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر ھاڻي اوھين گناھن کان آزاد ڪيا ويا آھيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آھيو، جنھن جو اجر اوھان جي پاڪائي آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي دائمي زندگي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر هاڻي اوهين پاپ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پوِترتائي جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي امر جيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر هاڻي اوهين گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پاڪيزگيءَ جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي دائمي زندگي.