Romans 7:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن جيڪا شيءِ چڱي آهي، سا منهنجي لاءِ موت ٿي ڇا؟ اصل ئي نہ! پر گناهہ چڱي شئي جي وسيلي منهنجي لاءِ موت جو سبب ٿيو، اُنهي لاءِ تہ گناهہ جي گنهگاري ظاهر ٿئي، ۽ حڪم جي وسيلي گناهہ تمام خراب معلوم ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ پوءِ جيڪا شيءِ چڱي آھي تہ ڇا تنھن ئي مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر گناھہ پنھنجي گنھگاري ظاھر ڪرڻ لاءِ ھڪ چڱي شيءِ جو سھارو وٺي مون کي ماريو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي گناھہ حد کان وڌيڪ بڇڙو ثابت ٿيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تہ پوءِ انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ جيڪا چڱي شيءِ آهي، تنهن مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر اهو پاپ جو ڪم هو جنهن هڪ چڱيءَ شيءِ جو سهارو وٺي مون لاءِ موت پيدا ڪيو، تہ جيئن ان جي فطرت ظاهر ٿئي. انهيءَ طرح نيم وارن حڪمن جي وسيلي پاپ جي بڇڙائي حد کان وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ پوءِ انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ جيڪا چڱي شيءِ آهي، تنهن مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر اهو گناهہ جو ڪم هو جنهن هڪ چڱيءَ شيءِ جو سهارو وٺي مون لاءِ موت پيدا ڪيو، تہ جيئن ان جي فطرت ظاهر ٿئي. انهيءَ طرح شريعت وارن حڪمن جي وسيلي گناهہ جي بڇڙائي حد کان وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي.