Romans 7:25 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو شڪر ٿو ڪريان. مطلب تہ آئون پاڻ پنهنجي عقل سان خدا جي شريعت جي، مگر بدن سان گناهہ جي شريعت جي تابعداري ٿو ڪريان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ آءٌ پنھنجي عقل سان خدا جي شريعت جو تابعدار آھيان، پر آءٌ پنھنجي انساني فطرت جي ڪري گناھہ جي حڪم جو تابعدار آھيان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ لاءِ آءٌ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي دلي سوچ سان ايشور جي نيم جي وس هيٺ آهيان، تڏهن بہ منهنجي انساني فطرت اڃا پاپ جي حڪم هيٺ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي دلي سوچ سان خدا جي شريعت جي تابع آهيان، تڏهن بہ منهنجي انساني فطرت اڃا گناهہ جي حڪم جي تابع آهي.