Romans 7:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر گناهہ وجهہ وٺي، اُنهي حڪم جي ڪري، مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي. ڇالاءِ جو شريعت کانسواءِ گناهہ مُئل آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر گناھہ کي وجھہ ملي ويو. سو ھن انھيءَ شرعي حڪم جي وسيلي مون ۾ ھر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇالاءِجو شريعت کان سواءِ گناھہ مئل آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر نيم جي انهيءَ حڪم جي ڪري پاپ کي ڄڻ وجھہ ملي ويو جو هن مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ نيم کان سواءِ پاپ مئل آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر شريعت جي انهيءَ حڪم جي ڪري گناهہ کي ڄڻ وجھہ ملي ويو جو هن مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ شريعت کان سواءِ گناهہ مئل آهي.