Romans 8:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جي مسيح اوهان ۾ آهي، تہ بدن گناهہ جي ڪري مُئل آهي، پر روح راستبازيءَ جي ڪري جيئرو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيتوڻيڪ اوھان جو جسم گناھہ جي ڪري مئل آھي، پر جيڪڏھن مسيح اوھان ۾ آھي تہ پوءِ اوھان جو روح زندہ آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا اوھان کي پاڻ ڏانھن سچار بڻايو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جيڪڏهن مسيح اوهان ۾ آهي، پوءِ توڙي جو پاپ جي ڪري اوهان جو شرير مئل آهي، تڏهن بہ ايشور ڏانهن سچار هئڻ ڪري جيون بخشيندڙ پوِتر آتما اوهان ۾ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيڪڏهن مسيح اوهان ۾ آهي، پوءِ توڙي جو گناهہ جي ڪري اوهان جو جسم مئل آهي، تڏهن بہ خدا ڏانهن سچار هئڻ ڪري زندگي بخشيندڙ پاڪ روح اوهان ۾ آهي.