Romans 8:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن اوھان ۾ خدا جو روح موجود آھي، جنھن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ جنھن مسيح کي مئلن مان جياريو سو اوھان جي فاني جسمن کي بہ پنھنجي انھيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ ايشور جي آتما موجود آهي، جنهن يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيوت ڪرڻ وارو اوهان جي ناس ٿيندڙ شريرن کي بہ پنهنجي انهيءَ آتما جي وسيلي جيوت ڪندو جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ خدا جو روح موجود آهي، جنهن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيارڻ وارو اوهان جي فاني جسمن کي بہ پنهنجي انهيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو.