Romans 8:23 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ، جن کي روح جو پهريون ڦل مليو آهي، سي پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجهون ۽ پنهنجي گود جا پٽ ٿيڻ لاءِ، يعني پنهنجي بدن جي ڇوٽڪاري لاءِ، منتظر ٿيو ويٺا آهيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ جن کي پاڪ روح خدا جي پھرين بخشش ٿي مليو آھي، سي بہ پنھنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون ۽ خدا جا ٻار ٿيڻ يعني پنھنجي بدن جي ڇوٽڪاري جي انتظار ۾ ويٺا آھيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ ايشور اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پوِتر آتما جي صورت ۾ بخشي آهي، تہ بہ ايشور جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي شرير کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ خدا اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پاڪ روح جي صورت ۾ عطا ڪئي آهي، تہ بہ خدا جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي بدن کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون.