Romans 8:24 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ انهيءَ اُميد جي لاءِ اسان کي نجات ملي. پر جنهن شيءِ جي اُميد اٿئون سا جي ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اُميد ڇا جي؟ ڇو جو اهڙو ڪير آهي، جو ڪا شيءِ ڏسي، پوءِ بہ انهي لاءِ اُميد رکي؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو اسان کي اميد جي وسيلي ئي تہ ڇوٽڪارو مليو. پر جنھن شيءِ جي اميد ھجي سا جيڪڏھن ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اھڙو ماڻھو آھي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انھيءَ لاءِ اميد رکي؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ اميد سان اسان کي مڪتي ڏني ويئي. پر جيڪڏهن اها شيءِ ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جي اميد رکجي ٿي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انهيءَ لاءِ اميد رکي؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ اميد سان اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ويو. پر جيڪڏهن اها شيءِ ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جي اميد رکجي ٿي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انهيءَ لاءِ اميد رکي؟